ٻرڙو رياضت

ٻرڙو رياضت

رياضت ٻرڙو

رياضت ٻرڙو : نوجوان، شاعر ۽ ليکڪ رياضت ٻرڙي 27 فيبروري 1970ع ۾ شوڪت علي ٻرڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم قنبر ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ به قمبر هاءِ اسڪول مان 1986ع ۾ ڪيائين. 1995ع سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي (فزڪس) ڪيائين. اهڙيءَ طرح 2000ع ۾ ايم. اي (سنڌي) ۽ ايم. ايڊ جون ڊگريون ورتائين، رياضت ٻرڙو بنيادي طرح شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم آهي. پهرين شاهه لطيف ڪاليج قنبر ۽ هن وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فزڪس جو ليڪچرار آهي. 94-1993ع دوران هڪ سال تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي ”سائنس“ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. رياضت ٻرڙو سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ قنبر شاخ جو 6 سال سيڪريٽري رهي چڪو آهي، سنگت قنبر جي نيوز ليٽر ”باک“ جو ايڊيٽر به آهي. 2008ع ۾ قائم ڪيل ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ جو باني ميمبر ۽ ڊائريڪٽر آهي، جنهن پاران نوجوان محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا 13 ڪتاب اچي وڃن ٿا: (1) پيار ڪهاڻي (ڪهاڻيون: 1994ع)، (2) سائنسي معلومات (1994ع)، (3) سائنسي سوال جواب (1995ع)، (4) سائنسي ڄاڻ (2004ع)، (5) شام جي هوا (شاعري: 2004ع)، (6) ديوان رياضت (شاعري:2005ع)، (7) چانڊوڻا چمڪن (ترتيب: 2007ع)، (8) ذات ڏيئا ٻاريا (لاڙڪاڻي جا چونڊ شاعر (2010ع). رياضت ٻرڙي کي ڊاڪٽر تنوير عباسي اوارڊ (2000ع) کان سواءِ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر پاران بهترين ڪهاڻيڪار جا سرٽيفڪيٽ به ملي چڪا آهن.


لفظ رياضت ٻرڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

27.02.1970  عيسوي

رياضت ٻرڙي 27 فيبروري 1970ع ۾ شوڪت علي ٻرڙي جي گهر ۾ جنم ورتو .



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عباسي محمد عثمان چنيهه
پلي معمور يوسفاڻي
جيئل اوڏ
ايڇ جي ويلز
روشن گولاڻي ڊاڪٽر
زيب ڀٽي
عالم سجاولي پير
رانجهاڻي عزيز
شاهه محمد گاڏهي
پريتم ورياڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون